جِيرو (Cumin Seed)

جِيرو (Cumin Seed)

جِيرو Cumin Seed

جِيرو (Cumin Seed): جيرو هڪ اهم مصالحي وارو فصل (Spice Crop) آهي. برصغير ۾ هيءُ فصل تمام آڳاٽي وقت کان پوکبو اچي ٿو. سنڌ ۾ هن فصل جي پوک تمام محدود ايراضيءَ تي ربيع جي موسم ۾ ڪئي وڃي ٿي. ڏکڻ سنڌ جي لاڙ ۽ ٿر جي علائقي ۾ جيري جي فصل جي پوک ڪئي وڃي ٿي. هيءُ فصل دوباري پوک طور لڳايو وڃي ٿو. جيرو وڌيڪ ناڻي ڪمائڻ وارن فصلن ۾ شامل آهي.
زمين جي چونڊ: هن فصل جي پوکيءَ لاءِ وارياسي ۽ وارياسي لٽاسي زمين وڌيڪ موزون آهي. جڏهن ته سم ۽ ڪلر واريون زمينون هن فصل لاءِ بهتر نه آهن. ڏکڻ سنڌ ۾ ساريال جي علائقي ۾ دوباري فصل طور پوکيو وڃي ٿو.
زمين جي تياري: جيري جي پوک لاءِ زمين کي هڪ يا ٻه هر ڏئي، ڀتر ڀڃي، زمين ۾ وٿاڻ جي ڀاڻ جون 20 کان 25 گاڏيون في ايڪڙ وجھي، ديسي هر سان ملائي، زمين کي هموار ڪجي. پوکيءَ لاءِ زمين جي تياري پوري ٿيڻ وقت، ٻارا ٺاهي، ان تي پوکي ڪجي.
جنسون: هن فصل جون ٻه جنسون يا قسم ٿين ٿا، هڪ اڇي ۽ ٻي ڪاري ٻج واري جنس، جنهن کي عام طور سفيد جيرو ۽ ڪارو جيرو چيو وڃي ٿو.
پوکيءَ جو وقت: هيءُ فصل ربيع جي موسم ۾ پوکيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ سرد موسم جي ضرورت پوي ٿي، تنهنڪري هن فصل کي ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي مهينن ۾ پوکجي. هيءُ فصل 90 ڏينهن ۾ پچي تيار ٿي وڃي ٿو.
پوکيءَ جو طريقو: هيءُ فصل ڇٽ کيڙ ۽ ناڙيءَ ذريعي پوکيو وڃي ٿو. ساريال علائقي ۾ جڏهن زمين وٽ ۾ اچي ته فصل جو ٻج ڇٽ يا کيڙ وسيلي پوکجي، يا وري جڏهن ته وڌيڪ پيداوار لاءِ ٻج ڏيڍ کان ٻه فوٽ وڇوٽي تي ناڙي ڪيو وڃي.
ڀاڻ جو استعمال: هن فصل کي اڌ ٻوري يوريا پوکڻ وقت ۽ اڌ ٻوري گل ٻاٽيءَ وقت ڏني وڃي. اهو بهتر ٿيندو ته فصل ۾ ڀاڻ گڏ ڪڍڻ ۽ گندگاهه جي خاتمي بعد ڏنو وڃي. ڪيميائي ڀاڻ جي استعمال سان پيداوار ۾ اضافو اچي ٿو.
پاڻي ڏيڻ: هن فصل کي جملي ٻن پاڻين جي ضرورت پوي ٿي.، پهريون پاڻي جڏهن ٻوٽا 4 کان 6 انچن جا ٿين ته ڏجي ۽ ٻيو پاڻي گل ٻاٽيءَ مهل ڏجي.
لابارو: هيءُ فصل ٽن مهينن ۾ پچي تيار ٿي وڃي ٿو، تنهنڪري لابارو فيبروري- مارچ ۾ ڪجي ٿو. لابارو صبح جو سوير ڪجي ته جيئن ٻج جو ڇاڻو نه ٿئي.
پيداوار: هن فصل مان 8 کان 10 مڻ في ايڪڙ ٻج جي پيداوار ملي ٿي، جڏهن ته غير آبپاشيءَ واري علائقي ۾ هن فصل جي پيداوار 5 کان 6 مڻ لهي ٿي.
جيرو سفيد: هن جو ٻوٽو سونف جي ٻوٽي وانگر ٿئي ٿو، جيڪو مني ميٽر کان ميٽر تائين ڊگھو هوندو آهي. ٽاريون سنهڙيون سرديءَ جي موسم ۾ ڇٽيءَ وانگر گل ٿين ٿا، ان ۾ ٻج هوندا آهن، جيڪي سونفن کان ٿورا وڏا پر سنها خوشبودار هوندا آهن. ريزڪي دڪانن تي به سفيد جيرو عام جام ملي ٿو. هن جي پوک پوري پاڪستان ۾ ٿي سگھي ٿي، پر سنڌ ۾ بلوچستان کان گهڻو اچي ٿو. هيءُ معدي، جگر ۽ آنڊن کي طاقت ڏئي ٿو. گردن جي ڪمزوريءَ ۾ به مفيد آهي. هن کي عربيءَ ۾ ’ڪمون ابيض‘، فارسيءَ ۾ ’زيره سفيد‘، سنسڪرت ۾ ’جيرڪ جيرن‘، بنگاليءَ ۾ ’ساده جيرا‘، گجراتيءَ ۾ ’گورا جيرا‘ ۽ انگريزيءَ ۾ ‘Cumin Seed’ چون. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ ٿئي ٿو.
جيرو ڪارو (Black Carway): هن جو ٻوٽو به سفيد جيري وانگر مني ميٽر کان ميٽر جيترو ٿئي ٿو. هن ۾ به گل ڇٽيءَ وانگر ٿين ٿا، جن ۾ ٻج هوندا آهن. هيءُ ڪشمير، پاڪستان ۽ هماليه جي ويجهو ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هن کي عربيءَ ۾ ’ڪمون‘، فارسيءَ ۾ ’زيره سياه ڪرويا‘، هنديءَ ۾ ’ڪالا زيره‘، سنسڪرت ۾ ’ڪرشن جيرڪ‘، گجراتيءَ ۾ ’شاهه جيرو‘، ڪشميريءَ ۾ ’گنيان‘، انگريزيءَ ۾ ’Black Carway‘ ۽ لاطينيءَ ۾ ’Caram Carvi‘ چون. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو